جامعه جو تعارف
مرڪز تعليم ۽ تربيت: جامعه دارالعلوم سکر، ديني درس گاهن جي ان تاريخي تسلسل جي ڪڙي آهي. جنهن جي ابتدا حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن، نبوي مسجد لڳ صحابن سڳورن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ "صفه" جو مدرسو قائم ڪري ڪئي.
"صفه" جي نوراني ڪرڻن عالم اسلام جي هر خطي ۾ پنهنجو ايماني ۽ علمي نور پڄايو. باب الاسلام سنڌ پهرين صدي هجري ۾ ئي "صفه" جي ايماني ۽ علمي لاٽ مان سوجهرو وٺي، ايمان ۽ اتقان، علم ۽ عرفان، تعليم ۽ تربيت جا نمونا دنيا آڏو پيش ڪيا.
1857 جي جنگ کان پوءِ ديوبند ۾ دارالعلوم جي قيام سان سنڌ ۾ ٻيهر ديني مدرسن جو ڄار وڇائجي ويو. جامعه دارالعلوم سکر به سنڌ جي قديم علمي مرڪزن ۽ دارالعلوم ديوبند جو علمي ۽ فڪري تسلسل آهي.
جامعه دارالعلوم سکر جو بنياد 1428هه مطابق 2008ع جامع مسجد عثمانيه بيراج ڪالوني سکر ۾ رکيو ويو. 2015ع کان گورنمنٽ هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڪئمپس 2 تي به تعليم جاري آهي.
جامعه جا اهداف ومقاصد
اسلامي معاشري لاءِ مدرسي جو قيام اڻ ٽر آهي. اسلامي تاريخ ۾ اسان کي اهڙا روشن دور ملي ٿا ته جتي تعليم سان گڏ تربيت، علم سان گڏ عمل ۽ پڙهائڻ سان گڏ سيکارڻ جو عمل به انهن ادارن ۾ ٿيندو هو.
جامعه دارالعلوم سکر جا اهداف ومقاصد مختصر طور:
(1) اهڙا عالم فاضل تيار ڪرڻ جيڪي علمي ڪمال ۽ ديني قدرن جي پختگيءَ سان گڏ عمل جي جذبي ۽ اخلاق جي زيور سان سينگاريل هجن.
(2) "علم" سان گڏ "عمل"، "تعليم" سان گڏ "تربيت" جي فلسفي تي عمل ڪندي طالبن جي زندگيءَ ۾ نيڪ عمل ۽ اسلامي روح پيدا ڪرڻ.
(3) طالبن کي نئين دور جي گهرجن پٽاندڙ لکڻ پڙهڻ ۽ جديد علمن سان آراسته ڪرڻ.
(4) نئين نسل کي مذهب جي ويجهو ڪرڻ ۽ ديني قدرن کان واقف ڪرڻ.
(5) سنڌ جي اڪابر عالمن جي علمي ذخيري کي ايڊٽ ڪري منظر عام تي آڻڻ.
طالبن لاءِ قاعدا
1– علم پڙهڻ جو مقصد الله پاڪ جو رضامندو آهي. سڀ کان پهرين پنهنجي نيت ٺيڪ ڪجي.
2– علم پرائڻ سان گڏ عمل ۽ اخلاق سڌارڻ پڻ ضروري آهي. نماز ۽ تڪبير اوليٰ سان پڙهڻ جو اهتمام ڪجي.
3– پنهنجي شڪل شباهت عالمن جهڙي رکجي. فيشن پرستي کان بچڻ ضروري.
4– سبقن ۾ حاضري ۽ تعليمي وقتن جي پابندي ضروري آهي.
5– استادن ۽ عالمن جو احترام ضروري.
6– رهائش لاءِ جيڪي جاءِ ملي اتي رهڻ لازم.
7– جامعه کي صاف رکڻ ضروري.
8– ناظم دارالاقامه جي اجازت بنا ٻاهر رهڻ منع.
9– گهمڻ ڦرڻ لاءِ ٽيپهري کان پوءِ اجازت.
10– ڪيمرا/اسمارٽ فون رکڻ جرم آهي.
11– ضروري ڳالهه لاءِ سادي موبائيل، تعليمي وقت ۾ بند.
12– موڪل لاءِ ناظم اعليٰ کي درخواست.
13– پنج ڏينهن گسائڻ تي داخله موقوف، ڏهه ڏينهن تي اخراج.
14– امتحان فارم لاءِ تحريري اجازت ضروري.
15– ٽييوشن/امامت بنا اجازت منع.
16– جامعه جي ملڪيت جي حفاظت ضروري.
17– نظام جي پابندي ۽ فتني کان بچڻ لازمي.
18– غير حاضري، گستاخي يا نه سڌرڻ تي نااهل قرار.