خبرون
جامعه دارالعلوم سکر ۾ نئين سيشن جي داخلا جاري آهي — درس نظامي، حفظ ۽ تعليم بالغان لاءِ رابطو ڪريو۔ ٽماهي العلم سکر جو تازو شمارو پڻ شايع ٿي چڪو آهي۔   •   جامعه دارالعلوم سکر ۾ نئين سيشن جي داخلا جاري آهي — درس نظامي، حفظ ۽ تعليم بالغان لاءِ رابطو ڪريو۔ ٽماهي العلم سکر جو تازو شمارو پڻ شايع ٿي چڪو آهي۔
English|سنڌي|اردو|العربية
1448 / ربــيـــع الأول / 18 || Tuesday - 01st / September / 2026

شعبا

جامعه دارالعلوم سکر جا مختلف تعليمي شعبا

تعليمي شعبا

جامعه دارالعلوم سکر ۾ قرآن ۽ حديث کان وٺي عصري علمن تائين — هر شعبو اسلامي تعليم ۽ تربيت جو هڪ خاص حصو ادا ڪري ٿو.

قرآن ۽ تجويد

تحفيظ وتجويد

قرآن پاڪ، دين اسلام جو بڻ بنياد آهي. ان جي تعليم، تحفيظ ۽ تجويد، مسلمانن جي فطري ضرورت آهي. ان ڪري پهرين ڏينهن کان قرآني مڪتبن ۽ ديني درس گاهن ۾ تحفيظ ۽ تجويد جي شعبي جو خاص اهتمام رهيو آهي. ان اهميت جي ڪري جامعه دارالعلوم سکر ۾ به تحفيظ ۽ تجويد جو شعبو قائم ڪيو ويو آهي.

مرڪز سان گڏ هن وقت هيٺيان مڪتب به جامعه جي نگراني ۾ هلي رهيا آهن:

  1. مدرسه روضة القرآن، خيف مسجد ڀٽه روڊ سکر
  2. مدرسه دارالقرآن، سکرٽائون شپ سکر
  3. مدرسة الهديٰ ميمڻ محلو سکر
  4. مڪتب تعليم القرآن، محمد مسجد ورڪشاپ روڊ سکر
  5. مرڪز تعليم القرآن اقصيٰ مسجد سکر
  6. مڪتب جامع مسجد محراب سکر ٽاون سکر

داخلا لاءِ شرط

  1. حفظ لاءِ يادداشت بهتر ۽ ذهني پختگي ضروري آهي.
  2. عمر گهٽ ۾ گهٽ 7 سال هجڻ ضروري آهي.
  3. قرآن پاڪ ناظره درست پڙهيل هجڻ ضروري آهي.
  4. ان سان گڏ ذهني آزمائش، سيرت ڪردار ۽ ظاهري حليي کي به ڏٺو ويندو آهي.
9 سالا عالم ڪورس

درس نظامي (عالم ڪورس)

درس نظامي ۾ نو سالن جو عالم ڪورس پڙهايو وڃي ٿو. درس نظامي جا چار مرحلا آهن:

مرحله ثانويه عامه (مساوي ميٽرڪ)

مدت ٽي سال. پهرين ٻن سالن ۾ عربي گرائمر صرف ۽ نحو؛ ٽئين سال ۾: مشق قرائت، تفسير، حديث، فقه، صرف، نحو، عربي ادب، منطق، سيرت.

مرحله ثانويه خاصه (مساوي انٽر)

مدت ٻن سال. تفسير قرآن، حديث، فقه، اصول فقه، نحو، عربي ادب، منطق، انشاءِ عربي.

مرحله عاليه (مساوي بي اي)

مدت ٻن سال. تفسير، حديث، فقه، اصول فقه، فرائض، عربي ادب، علم ڪلام، بلاغت، فلسفو، تاريخ، انشاءِ، اصول حديث.

مرحله عالميه (مساوي ايم اي)

پهرين سال: تفسير، اصول تفسير، حديث، اصول حديث، فقه، فلڪيات، جغرافيه، جديد معيشت، رد قاديانيت. ٻئي سال: دوره حديث — صحيح بخاري، مسلم، ترمذي، ابي داود، نسائي، ابن ماجه، موطا امام مالڪ ۽ محمد وغيره.

داخلا لاءِ شرط

  1. يادداشت بهتر ۽ ذهني پختگي ضروري آهي.
  2. درس نظامي لاءِ عمر چوڏهن سال ۽ گهٽ ۾ گهٽ مڊل پاس هجڻ ضروري آهي.
  3. ڪنهن به درجي ۾ داخلا لاءِ قرآن پاڪ تجويد سان پڙهيل هجڻ ضروري آهي.
  4. گهربل درجي ۾ داخلا لاءِ پوئين درجي ۾ معياري نمبرن سان پاس هجڻ ضروري آهي.
  5. پوئين درجي جي چونڊ ڪتابن مان داخلا ٽيسٽ ورتي ويندي.
  6. ان سان گڏ ذهني آزمائش، سيرت ڪردار ۽ ظاهري حليي کي به ڏٺو ويندو آهي.
عربي زبان

معهد اللغة العربية

عام طور تي درس نظامي پڙهندڙ طالب علم عربيءَ ۾ تقرير ۽ تحرير تي قادر نه هوندا آهن، حالانڪ اهي اٺ نوَ سال درس نظامي جا عربيءَ ۾ لکيل ڪتاب پڙهندا رهن ٿا. ڪنهن به ٻوليءَ کي زبان تي جاري ڪرڻ لاءِ ماحول ٺاهڻ انتهائي ضروري آهي.

ان بنياد تي ڪجهه وقت کان ديني مدرسن ان پاسي توجه ڏئي رهيا آهن ۽ درس نظامي جو ڪورس مڪمل عربي زبان ۾ پڙهايو وڃي ٿو — جنهن کي عام طور تي ”معهد“ چيو وڃي ٿو.

جامعه دارالعلوم سکر پڻ ٻن سالن کان ”معهد“ جو شعبو قائم ڪيو آهي. هي شعبو في الحال ثانويه عامه درجي تائين فعال آهي. مستقبل ۾ ان کي آخر تائين کڻڻ جي منصوبه بندي ڪئي وئي آهي.

داخلا لاءِ شرط

  1. يادداشت بهتر ۽ ذهني پختگي ضروري آهي.
  2. درس نظامي لاءِ عمر چوڏهن سال ۽ گهٽ ۾ گهٽ مڊل پاس هجڻ ضروري آهي.
  3. قرآن پاڪ تجويد سان پڙهيل هجڻ ضروري آهي.
  4. پوئين درجي ۾ معياري نمبرن سان پاس هجڻ ضروري آهي.
  5. پوئين درجي جي چونڊ ڪتابن مان داخلا ٽيسٽ ورتي ويندي.
  6. ذهني آزمائش، سيرت ڪردار ۽ ظاهري حليي کي به ڏٺو ويندو آهي.
ڌيڙن جي تعليم

تعليم بنات

صالح معاشري ۽ خوبصورت گهراڻي جي جوڙ جڪ ۾ عورت جو ڪردار اهم آهي. صالح ماءُ جي جهولي انسانيت جي عظيم درس گاهه آهي. ان بنياد تي جامعه دارالعلوم سکر ۾ مهڙ کان بنات جو شعبو قائم ڪيو ويو آهي.

هن شعبي ۾ وفاق المدارس العربيه پاڪستان جي نصاب مطابق عالمه ڪورس پڙهايو وڃي ٿو — قرآن، حديث، فقه، اصول فقه، ميراث، بلاغت، صرف ۽ نحو. قرآن حفظ ۽ ناظره به پڙهايو وڃي ٿو. سلائي، ڪڙهائي، ڪوڪنگ ۽ فاطمي ڪورسز به هوندا آهن.

جامعه سان وابسته مدرسا

جامعه فاطمة الزهراءَ للبنات — عثمانيه مسجد

بنات جو مکيه ڪئمپس. نياڻين ۽ عمر رسيده عورتن لاءِ درس نظامي، حفظ، ناظره، تجويد، سلائي ۽ ڪوڪنگ. صبح واري شفٽ (اٺين کان ٻيپهري).

المرڪز الاسلامي مدنيه للبنات

لڳ سٽي پوائنٽ گيٽ، آدم شاهه ڪالوني. شام واري شفٽ — درس نظامي عاليه درجي تائين، تحفيظ وتجويد ۽ ناظره.

مدرسة الهديٰ للبنات — ميمڻ محلو

شام واري شفٽ — درس نظامي، عاليه درجي، تحفيظ وتجويد ۽ ناظره جون ڪلاسون.

هزارن عورتن فاطمي ڪورس، ڪوڪنگ ۽ سلائي ڪورسز مان فائدو ورتو آهي؛ سئين عورتون درس نظامي ۽ حفظ مان فارغ ٿي چڪيون آهن.

داخلا لاءِ شرط

  1. يادداشت بهتر ۽ ذهني پختگي ضروري آهي.
  2. درس نظامي لاءِ عمر چوڏهن سال ۽ گهٽ ۾ گهٽ مڊل پاس هجڻ ضروري آهي.
  3. قرآن پاڪ تجويد سان پڙهيل هجڻ ضروري آهي.
  4. پوئين درجي ۾ معياري نمبرن سان پاس هجڻ ضروري آهي.
  5. داخلا ٽيسٽ ۽ سيرت ڪردار جي جانچ ڪئي ويندي.
بالغن لاءِ

تعليم بالغان

مسلمان هجڻ ناتي دين جو صحيح علم، سمجهه ۽ قرآني مطلبن جي پروڙ اسان جو فريضو ۽ فطري ضرورت آهي. جامعه دارالعلوم سکر مصروف ماڻهن لاءِ شارٽ ڪورس ڊيزائن ڪيو آهي.

نصاب ۾ بنيادي عربي گرائمر، قرآن جو ترجمو ۽ تفسير، حديث، عقيدا، معاملات، معاشرت ۽ اخلاقيات شامل آهن. اسٽوڊنس، واپاري ۽ ملازم وغيره فائدو پرائي رهيا آهن.

وقت: سانجهي کان سومهڻي نماز تائين.

داخلا

تعليم بالغان مان زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو — اسٽوڙنس، واپاري، ملازم وغيره — فائدو پرائي سگهن ٿا. تعليم جو وقت سانجهي کان سومهڻي نماز تائين آهي.

اعليٰ تعليم

تخصصات

درس نظامي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ طالب علم مختلف شعبن ۾ تخصص حاصل ڪري سگهن ٿا:

تخصص في الافتاء والتحقيق

فتويٰ لکڻ، تحقيقي ڪم ۽ دارالافتاءَ جي خدمت لاءِ تياري — فقه، اصول فقه ۽ حديث جي گهري ڄاڻ.

تخصص في اللغة العربية

عربيءَ ۾ تقرير، تحرير، ترجمي ۽ تدريس جي مہارت — عربي ادب ۽ نحو ۾ تخصص.

تخصص في اللغة الانجليزية

انگريزي زبان ۾ ديني مواد جي ترجمي ۽ اشاعت لاءِ زبان جي مہارت.

تخصص في علوم الحاسوب

ڪمپيوٽر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي — ديني اشاعت ۽ جديد ذريعن سان خدمت لاءِ.

تخصصات جي داخلا ۽ تفصيل لاءِ جامعه جي انتظاميه سان رابطو ڪريو.

جديد علم

عصري علوم

جامعه دارالعلوم سکر ۾ ديني تعليم سان گڏ عصري علمن تي به توجه ڏني وڃي ٿي جيئن طالب علم موجوده دور جي گهرجن مطابق تيار ٿي سگهن.

  • ڪمپيوٽر ۽ ٽيڪنالاجي جي بنيادي تعليم
  • انگريزي ۽ اردو زبان جي مہارت
  • ديني مواد جي ڊيجيٽل اشاعت ۽ ملٽي ميڊيا
  • دين ۽ دور حاضر جي گهرجن جو ميلاپ

عصري علوم جا ڪورس طالبن جي ضرورت ۽ جامعه جي منصوبي مطابق هلندا آهن.

طب نبوي

تعليم طب

تاريخ جي اڀياس مان اها ڳالهه واضح آهي ته علم طب جو اسلامي علمن سان گهرو واسطو رهيو آهي. امام شافعي رح جو قول آهي: العلم علمان: علم الاديان وعلم الابدان — هڪ دين جو علم، ٻيو بدن جو علم.

اسان جا اڳوڻا عالم علم تفسير، حديث ۽ فقه سان گڏ علم طب جا به ماهر هئا. ضرورت آهي ان ورثي کي عالم سنڀالن.

2017 کان رئيس الجامعه مفتي نذير احمد صاحب جي دلچسپي ۽ حڪيم طارق محمود چغتائي صاحب جي مشاورت سان طب جو شعبو قائم ڪيو ويو. طالبن کي معالجات، مفردات ۽ تشخيص جي علم سان گڏ عملي مشق ڪرائي وڃي ٿي.

نصاب: شرح اسباب، تاج العقاقير، تشريح الابدان. هن وقت تائين 56+ طالب فائدو حاصل ڪري چڪا آهن.

داخلا لاءِ شرط

جامعه دارالعلوم سکر ۾ طب صرف سابعه درجي ۾ پڙهائي وڃي ٿي. ان لاءِ سادسه پاس هجڻ ضروري آهي.

علم به، عمل به

شعبه تربيت

جامعه دارالعلوم سکر جي قيام جي مقصدن مان ”تربيت“ هڪ اهم مقصد آهي. مدرسي جو ماٽو ”علم به“ ۽ ”عمل به“ آهي — ”علم سان گڏ عمل، تعليم سان گڏ تربيت“.

قرآن ۽ حديث مطابق عملي زندگي گذارڻ لاءِ هڪ جامع نصاب تيار ڪيو ويو آهي. ان شعبي تحت طالب فارغ وقت ۾ دعوتي سرگرميون به ڪندا آهن — پيار ۽ محبت، حڪمت سان دعوت، مختلف علائقن ۾ جمعي جا بيان بہ ڪندا آھن.

ان کان علاوه هفتي وار ”بزم عثماني“ پروگرام ۽ ”عثماني علم وقلم سنگت“ انجمن طالبن کي تقرير ۽ تحرير جي سکيا ڏئي ٿي.

روزمره تربيتي نصاب

  1. فجر جي اذان کان پهريون سجاڳ ٿي تهجد
  2. فجر کان پوءِ صبح جا مسنون ذڪر ۽ قرآن جي تلاوت
  3. اشراق جو نفل
  4. ٻيپهري کان پوءِ سورة يٰس
  5. ٽيپهري کان پوءِ عليڪم بسنتي / آداب معاشرت / حياة المسلمين جو درس
  6. سانجهي کان پوءِ اوابين ۽ شام جا ذڪر
  7. سومهڻي کان پوءِ ذڪر جي مجلس
  8. سمهڻ کان پهريون سورة الملڪ
  9. چوويهن ڪلاڪن ۾ سنتن ۽ آدابن جي پابندي
  10. پٽڪي ۽ سلام جي عادت
  11. جمعي جي ڏينهن ٽيپهري کان پوءِ درود جي مجلس
  12. ايام بيض جي روزن جي ترغيب
تحقيق ۽ اشاعت

دارالعلم والتحقيق

تحقيقي ۽ تصنيفي ڪمن جي سلسلي ۾ جامعه جي نگراني هيٺ ”دارالعلم والتحقيق“ جو شعبو قائم ڪيو ويو آهي. بنيادي مقصد سنڌ جي اڪابر علماءِ جي مخطوط عربي ذخيري کي موجوده دور جي تحقيق ۽ تقاضائن مطابق ايڊٽ ڪري منظر عام تي آڻڻ آهي.

جامعه سان وابسته ڪجهه ڪتاب مختلف ادارن پاران شايع ٿي چڪا آهن:

  1. تحفة الطالبين
  2. بداية النحو
  3. عورتن لاءِ سوکڙي
  4. تسهيل الوصول الي علم الاصول
  5. نبوي باغ جي خوشبو

دارالعلم والتحقيق جون اشاعتون

  1. ٽماهي العلم خاص نمبر: ”سنڌ ۾ فقه ۽ فتويٰ“
  2. باغ جو ٺيڪو — انبن، ڪيلن ۽ کجين جي ٺيڪن بابت شرعي رهنمائي
  3. بداية النحو (سنڌي ۽ اردو)
  4. اصول ميراث
  5. جامعه دارالعلوم سکر جون ديني ۽ علمي خدمتون
مسجد جي اجتماعيت

رابطة المساجد

اسلامي تاريخ ۾ مسجد جو غير معمولي ڪردار رهيو آهي — تعليم، تربيت، ذڪر ۽ سماجي فيصلن جو مرڪز مسجد رھي آھي. بدقسمتيءَ سان اڄ مسجد جو ڪردار محدود ٿي ويو آهي.

رابطة المساجد مسجد جي اڳوڻي ڪردار جي احياءَ جي عملي تحريڪ آهي. وابسته مسجدن ۾ نماز، درس قرآن، تعليم بالغان جا ڪورس، نماز جي تعليم ۽ اصلاحي پروگرام رکيا وڃن ٿا. قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ جهيڙن جو نبيرو به ڪيو وڃي ٿو.

رابطة سان جڙيل مسجدون

  • 01
    جامع مسجد عثمانيه بيراج ڪالوني، سکر
  • 02
    مرڪزي جامع مسجد رياض الجنة گورنمنٽ هائوسنگ سوسائٽي
  • 03
    جامع مسجد فرهاد لڳ آءِ بي اي يونيورسٽي
  • 04
    جامع مسجد سيڪٽر ون، سکر ٽائون شپ
  • 05
    جامع مسجد صديق اڪبر ملٽري روڊ
  • 06
    محمد مسجد ورڪشاپ روڊ
  • 07
    اقصيٰ مسجد الائيڊ اسڪول، بيراج ڪالوني
  • 08
    جامع مسجد محراب سيڪٽر 5، سکر ٽائون شپ
  • 09
    جامع مسجد ذي النورين ماوي سوسائٽي، 100 فوٽ روڊ
  • 10
    جامع مسجد رحمة للعالمين سنڌي سوسائٽي
  • 11
    جامع مسجد عباس روينيو ڪالوني
  • 12
    جامع مسجد شان مصطفي پي سي بي گراؤنڊ
  • 13
    جامع مسجد رياض الجنة مھراڻ سوسائٽي
  • 14
    جامع مسجد عائشہ مرحبا سوسائٽي
  • 15
    جامع مسجد دعا حمزہ سوسائٽي
ديني رسالو

ٽماهي العلم سکر

ديني مدرسن مان عوام جي سڌاري لاءِ ماهوار، ٽماهي ۽ سالانه ديني رسالا نڪرندا رهن ٿا. سنڌ جي قديم صحافت ۾ ديني ۽ تحريڪي عنصر نمايان رهيا آھن. جامعه دارالعلوم سکر مان سنڌي ٻولي ۾ ٽماهي رسالو العلم 2012ع کان پابندي سان نڪري رهيو آهي جنھن ۾ قرآني تفسير، حديثي درس، شرعي مسئلن جو حل ۽ بزرگن جي تذڪري سان گڏ علمي، ادبي، اصلاحي ۽ تحقيقي مضمون بہ شايع ٿين ٿا.

علمي، ادبي، اصلاحي ۽ تحقيقي مضمون به شايع ٿين ٿا. ”سنڌ ۾ فقه ۽ فتويٰ“ تي خاص نمبر به شايع ٿي چڪو آهي.

داخلا يا معلومات

ڪنهن به شعبي بابت وڌيڪ ڄاڻ يا داخلا لاءِ رابطو ڪريو