![]() |
![]() |
![]() |
|---|
1– علم پڙهڻ جو مقصد، الله پاڪ جو رضامندو آهي. ان ڪري سڀ کان پهرين پنهنجي نيت ٺيڪ ڪجي.
2– جامعه دارالعلوم سکر ۾ قيام جو مقصد ، علم پرائڻ سان گڏ، ان تي عمل ڪرڻ ۽ اخلاق سڌارڻ پڻ آهي.ان ڪري جامعه جي طالبن کي ” تعليمي ارڪانن “ سان گڏ ” تربيتي اعمالن “ جي پابندي به ڪرڻي هوندي ۽ فرض ، واجب ۽ سنتون خاص طور تي نماز
اسلامي معاشري لاءِ مدرسي جو قيام اڻ ٽر آهي، مدرسي ۽ مسلمان کي هڪ ٻئي کان ڌار نه ٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته مدرسو الله ۽ سندس رسول صلي الله عليه وسلم جي تعليمات کان، انسانيت کي روشناس ڪرڻ جو نالو آهي. مسلم معاشري ۾ جيترا به ديني ادارا هجن ٿورا آهن. ٻي پاسي ڏٺو وڃي ته اسلامي تاريخ ۾ اسان کي ڪو اهڙو روشن دور به ملي ٿو جو تعليم سان گڏ تربيت، علم سان گڏ عمل ...
مرڪز تعليم ۽ تربيت: جامعه دارالعلوم سکر ، ديني درس گاهن جي ان تاريخي تسلسل جي ڪڙي آهي. جنهن جي ابتدا حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن ، نبوي مسجد لڳ صحابن سڳورن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ “صفه” جو مدرسو قائم ڪري ڪئي. “صفه” جي نوراني ڪرڻن عالم اسلام جي هر خطي ۾ پنهنجو ايماني ۽ علمي نور پڄايو. جنهن جي روشنيءَ سان چوڏس علم ۽ عرفان جون راهون ۔.
ڪورسن بابت معلومات
هيءَ ڳالهه پڌري پٽ آهي ته صالح معاشري ۽ خوب صورت گهراڻي جي جوڙجڪ ۾ عورت جو ڪردار اهم آهي. صالح ماءُ جي جهولي ،انسانيت جي اها عظيم درس گاهه آهي
درس نظامي ۾ نو سالا عالم ڪورس پڙهايو ٿو وڃي.
درس نظامي جا چار مرحلا آهن
1- مرحلا ثانويه عامه (مساوي ميٽرڪ)
هن مرحلي جي مدت ٽي سال آهي.
قرآن پاڪ ، دين اسلام جو بڻ بنياد آهي. ان جي تعليم ،تحفيظ ۽ تجويد ،مسلمانن جي فطري ضرورت آهي. ان ڪري پهرين ڏينهن کان قرآني مڪتبن ۽ ديني درس گاهن ۾ تحفيظ ۽ تجويد ...
عام طور تي درس نظامي پڙهندڙ طالب علم ،عربيءَ ۾ تقرير ۽ تحرير تي قادر نه هوندا آهن، حالانڪ اهي اٺ نوَ سال درس نظامي جا عربيءَ ۾ لکيل ڪتاب پڙهندا رهن ٿا.
تاريخ جي اڀياس مان اها ڳالهه بلڪل واضح آهي ته علم طب جو اسلامي علمن سان گهرو واسطو رهيو آهي. امام شافعي رح جو قول آهي
هيءَ ڳالهه پڌري پٽ آهي ته صالح معاشري ۽ خوب صورت گهراڻي جي جوڙجڪ ۾ عورت جو ڪردار اهم آهي. صالح ماءُ جي جهولي ،انسانيت جي اها عظيم درس گاه..
.
.
.
.
.
.
.
.
.
جامعه دارالعلوم سکر جو بنياد 1428هه مطابق 2008ع جامع مسجد عثمانيه بيراج ڪالوني سکر ۾ ڪجهه حجرا ٺاهي رکيو ويو ، جتي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين لاءِ درس نظامي ، حفظ ناظره ،تجويد قرائت سان گڏوگڏ تعليم بالغان ۾ ترجمه ۽ تفسير قرآن ۽ مخلتف ڪورسز جو آغاز ڪيو ويو. ٿوري وقت ۾ طالبن جو تعداد وڌڻ سبب سوڙهه محسوس ٿي ته گورنمنٽ هاوسنگ سوسائٽي ۾ جامعه دارالعلوم جو ڪئمپس 2 تعمير ڪيو ويو. 2015 ع کان اتي به تعليم جاري آهي. ڪئمپس 1 عثمانيه مسجد ۾ حفظ ناظره ، شعبه بنات ۽ شعبه بالغان جا سلسلا هلي رهيا آهن ۽ ڪئمپس 2 گورنمنٽ سوسائٽي ۾ درس نظامي بنين سان گڏوگڏ تعليمي ، تربيتي ، تحقيقي ۽ دعوتي شعبه هلي رهيا آهن.